ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌماڪيدار مادو، پوليس مقابلي ۽ قتل جي ارادي وارن ڪيسن ۾ متحده جي 4 ڪارڪنن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

ATC-court-Karachi

  ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌماڪيدار مادو، پوليس مقابلي ۽ قتل جي ارادي وارن ڪيسن ۾ متحده جي 4 ڪارڪنن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت متحده جي ڪارڪنن بلال، شيراز، رياض ۽ راحيل تي فرد جرم لاڳو ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.
عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي پوليس مقابلي، قتل جي ارادي ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ اچڻ وارن ڪيسن ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ، جنهن دوران جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*