مناڪو جي شهر مونٽي ڪارلو ۾جاري مونٽي ڪارلو ماسٽرس ٽينس ٽورنامنٽ جي هڪ ميچ ۾ اسٽار ٽينس رانديگر راجرفيڊرر هڪ طرفي مقابلي بعد روبرٽو باٽسٽا کي شڪست ڏئي

TENNIS-MONTECARLO-15-4-16

مناڪو جي شهر مونٽي ڪارلو ۾جاري مونٽي ڪارلو ماسٽرس ٽينس ٽورنامنٽ جي هڪ ميچ ۾ اسٽار ٽينس رانديگر راجرفيڊرر هڪ طرفي مقابلي بعد روبرٽو باٽسٽا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

مونٽي ڪارلو ماسٽرس ٽينس ٽورنامنٽ جي سلسلي واري ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي.

ميچ ۾ راجرفيڊرر جي شاندار فور هيڊ ۽ بيڪ اسٽروڪس آڏو روبرٽو باٽسٽا بيوس نظر آيو.

راجرفيڊرر کيس هڪ طرفي مقابلي بعد ڇهه-ٻه۽ڇهه-چار تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*