ڀارت ۾جاري انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي ڇهين ميچ ۾ گجرات لائنز جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

Gujarat-Lions-Ipl-15-4-16

ڀارت ۾جاري انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي ڇهين ميچ ۾ گجرات لائنز جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.

رائيزنگ پوني سپر جائينٽ جي ٽيم جي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

رائيزنگ پوني سپرجائينٽ جي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 163رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ فاف ڊيو پليسز 69،ڪيون پيٽرسن 37 ۽ ڌوني 22رنز جي اننگ کيڏي.

گجرات لائنز پاران رويندره جديجه ۽ٽامبي ٻه-ٻه، جڏهن ته ڊي جي براوو هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

گجرات لائنز جي ٽيم مخالف ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 164رنز جو ٽارگيٽ 18 اوورس ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي پوري ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

ٽِيم جي ڪاميابي ۾ آرون فنچ 50،برينڊن ميڪيولم 49،ڪپتان سريش رائنا24۽ڊي جي براوو 22رنز جي اننگ کيڏي اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*