پاناماليڪس اسڪينڊل عالمي مسئلو آهي، جنهن جي مختلف ملڪن ۾ جاچ شروع ٿي چڪي آهي,پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان

Imran-tweet-15-4-16

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناماليڪس معاملي جي دنيا جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، اسپين جي وزير به اخلاقي طور استعيفيٰ ڏئي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي، پر پاڪستان ۾ حڪومت ڪميٽي قائم ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته پاناماليڪس اسڪينڊل عالمي مسئلو آهي، جنهن جي مختلف ملڪن ۾ جاچ شروع ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته پاناما ليڪس آف شور ڊيلنگس ۾ ملوث هجڻ جي الزامن کانپوءِ اسپين جي صنعتن واري وقتي وزير جوز مينوئل سوريا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
عمران خان چيو ته بدقسمتي سان پاناماليڪس معاملي کي حڪومت سنجيده نه پئي وٺي ۽ هيل تائين ڪا جاچ به شروع ناهي ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته حڪومت معاملي جي جاچ ڪرڻ بدران رڳو سازش قرار ڏئي جند آجي ڪرائڻ ۾ رڌل آهي، جڏهن ته هو حڪومت کي فرار ٿيڻ نه ڏيندا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*