پاناما ليڪس جي الزامن بابت درست نموني جاچ نه ڪرائڻ خلاف سکر ۾ وڪيلن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

Sukkur-Bar-15-4-16

پاناما ليڪس جي الزامن بابت درست نموني جاچ نه ڪرائڻ خلاف سکر ۾ وڪيلن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪارروائن جو بائيڪاٽ ڪري ايڊووڪيٽ قربان ڪلوڙ، شفقت رحيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي آحاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
اڳواڻن چيو ته پاناما ليڪس جا الزام انتهائي سنگين آهن، جنهن سان ملڪ ۾ ٿيل اربين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.
هنن چيو ته پاناما ليڪس جن ماڻهن بابت انڪشاف ڪيو آهي، اهي بااثر آهن، جنهن ڪري پاڪستاني عوام کي ڪنهن به قسم جي انصاف جي اميد نظر نٿي اچي.
هنن چيو ته چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ  معاملي جو نوٽيس  ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف درست نموني جاچ ڪري عوام سان انصاف ڪيو وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*