لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ آفيسر سميت ٻين عملدارن تي مبينا تشدد خلاف خوراڪ کاتي جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو

Sukkur-Food-protest-15-4-16

لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ آفيسر سميت ٻين عملدارن تي مبينا تشدد خلاف خوراڪ کاتي جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهور ڪندي نعريبازي ڪئي.
مظاهرين چيو ته جوابدارن فوڊ کاتي جي آفيس ۾ داخل ٿي ڊسٽرڪٽ فوڊ آفيسر سميت ٻين عملدارن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي، پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪري سگهي.
هنن مطالبو ڪيو ته فوڊ کاتي جي عملدارن کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
ان موقعي تي فوڊ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سڪندر چانڊيومظاهرين وٽ پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ملازمن احتجاج ختم ڪيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*