اڳوڻو صدر آصف علي زرداري وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات نه ڪندو،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو

Bilawal-tweet-15-4-16

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات نه ڪندو، جڏهن ته پاناماليڪس معاملي تي مشاورت لاءِ آصف زرداري پ پ سينيٽر رحمان ملڪ کي فوري طور لنڊن طلب ڪري ورتو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري  وزير اعظم۽ آصف زرداري وچ ۾ امڪاني ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي.
هن چيو ته آصف زرداري لنڊن ۾ وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات نه ڪندو، ان حوالي سان هلندڙ افواهون غلط آهن.
ٻئي پاسي پ پ پارليامينٽرين جي صدر آصف زرداري پ پ سينيٽر رحمان ملڪ کي فوري طور لنڊن گهرائي ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رحمان ملڪ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪري کيس پاناماليڪس معاملي ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال بابت آگاهه ڪندو.
رحمان ملڪ چيو ته کيس آصف زرداري لنڊن طلب ڪري ورتو آهي، جتي پارٽي معاملن ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
رحمان ملڪ چيو ته وزير اعظم نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ ملاقات طئي ناهي ٿي، ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
واضح رهي ته رحمان ملڪ ۽ اسحاق ڊار وچ ۾ وزير اعظم جي برطانيا روانگي کان اڳ ملاقات ٿي هئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*