سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان جي ڪلفٽن واري علائقي ۾6 مهينن کان پاڻي جي کوٽ سبب واٽر بورڊ جي ايم ڊي خلاف استحقاق واري رٿ رد ڪئي وئي

Khurram-zaman-15-4-16

  سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان جي ڪلفٽن واري علائقي ۾6 مهينن کان پاڻي جي کوٽ سبب واٽر بورڊ جي ايم ڊي خلاف استحقاق واري رٿ رد ڪئي وئي، حڪومتي ۽ مخالت ڌر جي ميمبرن واپڊا تي سخت تنقيد ڪئي ، ف ليگ جي راشد شاهه چيو ته هو به وفاقي سرڪار جي رويي مان تنگ آهن، جيڪڏهن واپڊا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار وٽ ڪا تجويز آهي ته هو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان ڪلفٽن ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ تي ايم ڊي واٽربورڊ خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪئي، جيڪا حڪومتي ڌر جي مخالفت سبب رد ڪئي وئي.
اجلاس دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن واپڊا تي سخت تنقيد ڪئي، صوبائي وزير ممتاز جکراڻي چيو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن بجلي ناهي ته پوءِ ڳرا بل ڇو موڪليا پيا وڃن.
ف ليگ جي راشد شاهه چيو ته هو به واپڊا جي ناانصافين ۽ وفاقي حڪومت جي رويي مان تنگ آهن، جيڪڏهن واپڊا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت وٽ ڪا تجويز آهي ته هو ان ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
راشد شاهه چيو ته درازه ۾ ف ليگ جا 12 ڪارڪن شهيد ڪيا ويا، پر وفاقي حڪومت نه تعزيت ڪئي ۽ نه واقعي جي مذمت ڪئي.
اجلاس دوران ف ليگ جي امتياز شيخ سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ فرنيچر  ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ جو ذڪر ڪندي تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو تي سخت تنقيد ڪئي.
هن چيو ته تعليم وارو سيڪريٽري تمام گهڻو طاقتور آهي، هو وڏي وزير سميت ڪنهن جي به نٿو ٻڌي، وڏو وزير به کيس نٿو هٽائي سگهي.
اجلاس دوران متحده جي خالد افتخار چيو ته لانڍي ۽ ڪورنگي وارن علائقن ۾ سندن ڪارڪنن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، جنهن تي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال کيس خاطري ڪرائي ته  هو 3 ڏينهن اندر معاملي جي جاچ ڪرائي رپورٽ پيش ڪندو.
پ پ ايم پي اي نادر مگسي متحده جي خالد افتخار سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڪڏهن کان لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ ڪمزور ٿيا آهيو، جو اوهان جي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، جيڪي ماڻهو متحده ڪارڪنن تي تشدد ڪن ٿا انهن کي پڪڙي ڏنڊا ڇو نٿا هڻو.
اجلاس دوران نصرت سحر عباسي ۽ نثار کهڙي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، نصرت سحر عباسي چيو ته نثار کهڙي کي اجايو بيهي ڳالهائڻ جي عادت آهي، هو جڏهن به ايوان ۾ ڳالهائڻ شروع ڪندي آهي ته نثار کهڙو اجايو اٿي بيهندو آهي، جنهن تي تعليم واري وزير چيو ته هو اسپيڪر جي اجازت سان ڳالهائيندو آهي.
پ پ ايم پي اي مهيش ملاڻي مٺي مان هندو ناري پريا جي اغوا واري واقعي تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته هڪ شادي شده شخص حيات هنڱورو ناري کي اغوا ڪري ويو آهي.
هن چيو ته ناري جي بازيابي لاءِ پوليس جوڳا قدم ناهن کنيا  ۽ کين خدشو آهي ته پريا جو مذهب تبديل ڪرڻ سان گڏ سندس شادي  ڪرائي ويندي.
صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته سنڌ سرڪار سموري صوبي ۾ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ لاءَ پلان جوڙيو آهي، جنهن جي ڪاپي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ڪارروائي ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*