اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير محمد دراني ڪرپشن خلاف عالمي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو, پاناما ليڪس وارو معاملو حل ڪرڻ بدران روڊن تي اچي سازش ڪئي پئي وڃي،

Durani-15-4-16

اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير محمد دراني ڪرپشن خلاف عالمي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاناما ليڪس وارو معاملو حل ڪرڻ بدران روڊن تي اچي سازش ڪئي پئي وڃي، پارليامينٽ معاشي دهشتگردي خلاف قدم نه کنيا ته معاملو عوام جي هٿن مان نڪري ويندو، 10 سال اڳ لنڊن ۾ ميثاق جمهوريت معاهدو ٿيو، هاڻ وري نواز شريف لنڊن ۾ آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ معاهدو ڪيو وڃي.
اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاناما ليڪس واري معاملي تي جاچ جو حڪم رڳو پارليامينٽ ئي ڏئي سگهي ٿي.
محمد علي دراني چيو ته پارليامينٽ کي معاشي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ به قدم کڻڻ گهرجن، ايوان فيصلو نه ڪيو ته معاملو عوام جي هٿ مان نڪري ويندو.
هن چيو ته ملڪ جي لٽيل 500 ارب ڊالرز ملڪيت سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي،  معاملي جو حل ڪڍڻ بدران ٽڪراءُ جي سازش ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته 10 سال اڳ لنڊن ۾ ميثاق جمهوريت معاهدو ڪيو ويو، اڄ وري نواز شريف لنڊن ۾ آهي، ڪرپشن جي خاتمي وارو معاهدو به ڪيو وڃي.
اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني ايندڙ هفتي ڪرپشن خلاف عالمي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو مهم گڏيل قومن جي اينٽي ڪرپشن چارٽر تحت هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*