نياڻين کي ڪرپشن خلاف آگاهه ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن هو گهرن ۾ پنهنجي ايندڙ نسلن کي حق حلال جي ڪمائي مان پرورش ڪن,ڊائريڪٽر جنرل نيب سکر الطاف باواڻي

Nab-Aftab-15-4-16

ڊائريڪٽر جنرل نيب سکر  الطاف باواڻي چيو آهي ته نياڻين کي ڪرپشن خلاف آگاهه ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن هو گهرن ۾ پنهنجي ايندڙ نسلن کي حق حلال جي ڪمائي مان پرورش ڪن.
گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ آگاهي مهم جي سلسلي ۾ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڊي جي نيب چيو ته  نيب ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ چاپا هڻي گرفتاريون ڪري ڪارروائي ڪندي آهي. هن جو چوڻ هو ته هاڻي آگاهي مهم به شروع ڪئي آهي، خاص طور تي نياڻين کي ڪرپشن جي خاتمي بابت آگاهه ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي پنهنجي ايندڙ نسل کي آگاهه ڪن.
ڊي جي نيب خطاب ڪندي چيو ته حرام کائڻ گناهه آهي ۽ پنهنجي ٻچن جي پرورش حق حلال جي پيسن مان ڪئي وڃي،  جيئن ماضي ۾ گهرن ۾ بزرگ پنهنجي گهر ڀاتين کي  حرام کائڻ  کان روڪيندا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*