ٺل ۾ بااثر شخص مبينا طور فوڊ گدام تي چڙهائي ڪري بارداڻي جون هزارين ٻوريون ڦر ڪري ورتيون

Thul-16-4-16

ٺل ۾ بااثر شخص مبينا طور فوڊ گدام تي چڙهائي ڪري بارداڻي جون هزارين ٻوريون ڦر ڪري ورتيون، جنهن بعد پوليس فوڊ انسپيڪٽر ۽ هڪ مل مالڪ کي گرفتار ڪري بارداڻو هٿ ڪري ورتو آهي.
بااثر شخص هٿيار بندن سان گڏ فوڊ گدام تي چڙهائي ڪري خوراڪ کاتي پاران رکيل بارداڻي جون هزارين ٻوريون ڦر ڪري ورتيون آهن.
گدام تي ڊيوٽي لاءِ مقرر چوڪيدار جو چوڻ هو ته چونڊيل نمائندي جي ڀاءُ لياقت سرڪي هٿيار بندن سان گڏ گدام تي چڙهائي ڪري بارداڻو ڦر ڪيو آهي.
پوليس ڪارروائي ڪندي فوڊ انسپيڪٽر ڇٽو جکراڻي ۽ مل مالڪ حاجي بخش سرڪي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مل مالڪ کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل بارداڻي جون ڪجهه ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن ۽ فوڊ اسنپيڪٽر کي پڇا ڳاڇا لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*