ايف آءِ اي جي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام واري سيل راولپنڊي جي عدالت ۾ ڪارروائي ڪري جعلي وڪيل عورت کي گرفتار ڪري ورتو

FIA

ايف آءِ اي جي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام واري سيل راولپنڊي جي عدالت ۾ ڪارروائي ڪري جعلي وڪيل عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار عورت 15 کان وڌيڪ ڪيسز  ۾ گهربل هئي.
ايف آءِ اي جي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام واري سيل راولپنڊي جي عدالت ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ريڊ بڪ ۾ شامل شازيه اعجاز نالي جعلي وڪيل کي گرفتار ڪيو ويو.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار اشتهاري عورت ماڻهن کي ڪئنيڊا، آسٽريليا ۽ اٽلي موڪلڻ لاءِ ورغلائي لکين رپيا وٺندي هئي.
ايف آءِ اي موجب، گرفتار عورت انساني اسمگلنگ سميت جعلي وڪيل طور به ڪم ڪندي رهي آهي، کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*