سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ دهشتگردي جي سنگين ڪيسن جي پيروي لاءِ 200 کان وڌيڪ پراسڪيوٽرز ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Government-of-Sindh-1024x68

سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ دهشتگردي جي سنگين ڪيسن جي پيروي لاءِ 200 کان وڌيڪ پراسڪيوٽرز ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته حيدرآباد سميت سنڌ جي باقي ضلعن ۾ پراسڪيوٽرز جي 45 جايون خالي هجڻ سبب ڪيس التويٰ جو شڪار آهن.
وڏي وزير قائم علي شاهه ڊسمبر 2015ع کان ڪراچي ۾ دهشتگردي جا سنگين ڪيس التويٰ جو شڪار هئڻ وارين خبرن جو نوٽيس وٺي قانون واري وزارت کي پراسڪيوٽرز ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ڪراچي ۾ دهشتگردي جي سنگين ڪيسن جي پيروي ڪرڻ لاءِ 200 کان وڌيڪ پراسيڪيوٽرز ڀرتي ڪيا ويندا، جڏهن ته سنڌ جي باقي ضلعن ۾ پڻ ڪيس التويٰ جو شڪار هجڻ باوجود في الحال ڀرتيون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني جون 10 ۽ دادو ۾ پراسڪيوٽر ۽ ڊپٽي پراسڪيوٽرز جون 9 جايون خالي آهن، جڏهن ته ٽنڊي محمد خان، مٽياري، قمبر، شهدادڪوٽ، ٽنڊوالهيار ۾ به پراسڪيوٽر نه هجڻ سبب ڪيس التويٰ جو شڪار آهن.
ڄامشوري ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني جون 3، ٿرپارڪر ۾ 2، شڪارپور ۾ 5، عمرڪوٽ ۾ هڪ، ٽنڊو محمد خان ۾ 2، ٽنڊي الهيار ۾ 5، مٽياري ۾ 4، لاڙڪاڻي ۾ هڪ جاءِ خالي آهي.
قمبرشهدادڪوٽ ۾ 5، ميرپورخاص ۾ 5،  سکر ۾ 3، گهوٽڪي ۾ هڪ، بدين ۾ ٽَي ۽ ٺٽَي ۾ 4 ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني جون جايون خالي هجڻ سبب ڪيس رولڙي جو شڪار آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*