ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻ دوران دستي بم ڦاٽڻ واري واقعي جي رپورٽ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي

ATC-Blast-16-4-16

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻ دوران دستي بم ڦاٽڻ واري واقعي جي رپورٽ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، ملڪ ۾ ماتحت عدالتن جي نگران جج جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ اي ٽي سي ڪراچي ۾ اجلاس دوران معاملي جي رپورٽ تي غور ويچار ڪيو ويو.
سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي ٽي سي جو منتظم جج فاروق شاهه ۽ انچارج جج بشير کوسَي سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران اي ٽي سي ڪراچي ۾ ٻڌڻي دوران دستي بم ڦاٽڻ واري معاملي جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي، جڏهن ته جيل ۾ اي ٽي سي جِي تعمير هيٺ عمارت جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي.
اي ٽي سي نمبر 3 ۾ ٻڌڻي دوران بم ڦاٽڻ جي حوالي سان رپورٽ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*