پنجاب جَي راجنپور جي ڪچي ۾ بدنام ڏوهاري ڇوٽو گينگ خلاف جاري آپريشن جي ڪمانڊ پاڪ فوج سنڀالي ورتي

ISPR-Kache-16-4-16

پنجاب جَي راجنپور جي ڪچي ۾ بدنام ڏوهاري ڇوٽو گينگ خلاف جاري آپريشن جي ڪمانڊ پاڪ فوج سنڀالي ورتي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن جي ڪاميابي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.
پنجاب جي راجنپور جي ڪچي واري علائقي ۾ پنجاب پوليس جو بدنام ڌاڙيل ڇوٽو بکراڻي جي گينگ خلاف آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران پوليس مسلسل ناڪام رهي ۽ ڇوٽو گينگ جي ڏوهارين 7 پوليس اهلڪار شهيد کي ڪيو، جڏهن ته 18 اهلڪار يرغمال بڻيل آهن.
پوليس موجب ڪچو جمال ۽ ڪچو مورو واري علائقي ۾ ڇوٽو گينگ جا هڪ سئو کان وڌيڪ ڌاڙيل موجود آهن، جن وٽ جديد قسم جا هٿيار ۽ راڪيٽ لانچر موجود آهن.
پوليس ذريعن موجب ڇوٽو بکراڻي پوليس اهلڪارن کي ڇڏڻ لاءِ ڪجهه شرط رکيا آهن، جن ۾ مک شرط اهو آهي ته سندس مخالف ٽولي عمراڻي گينگ جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي، جيڪي مبينا طور پوليس سان گڏ سندس ٽولي خلاف وڙهي رهيا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، راجنپور جي ڪچي ۾ ڇوٽو گينگ خلاف آپريشن جو ڪمانڊ پاڪ فوج جي جوانن سنڀالي ورتو آهي، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز اهلڪار به ڏوهارين خلاف ويڙهه ۾ شامل آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن جي ڪاميابي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، جلد ڪچو ڪليئر ڪرايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*