پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ انيس قائمخاني جي 2 لک رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت ۾ ٽَن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

Anees-6-4-16

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جي علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ نامزد پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ انيس قائمخاني جي 2 لک رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت ۾ ٽَن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ نامزد پاڪ سر زمين پارٽي جو اڳواڻ انيس قائمخاني ضمانت ختم ٿيڻ بعد اڄ ٻيهر دهشتگردي ٽور عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت انيس قائمخاني عبوري ضمانت ۾ واڌ لاءِ درخواست ڏني، جيڪا عدالت منظور ڪندي 2 لک رپين جي مچلڪن عيوض سندس عبوري ضمانت ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
عدالت ۾  غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي انيس قائمخاني چيو ته ايم ڪيو ايم وارا سندن 6 ماڻهن کي ڏسي رهيا آهن، کين حيدرآباد جا 10 هزار ماڻهو نظر نٿا اچن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*