پنجاب حڪومت سياسي مقصدن لاءِ پوليس کي استعمال ڪري پروفيشنل بدران سياسي بڻائي ڇڏيو آهي،تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان

PTI-16-4-16

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پنجاب حڪومت سياسي مقصدن لاءِ پوليس کي استعمال ڪري پروفيشنل بدران سياسي بڻائي ڇڏيو آهي، پنجاب پوليس ڪيتري اهل آهي، اهو راجنپور ۾آپريشن دوران ثابت ٿي ويو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته راجنپور ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾پنجاب پوليس جي ناڪامي وڏو سواليه نشان آهي.
هن چيو ته پنجاب حڪومت پوليس کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري ان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،پنجاب پوليس ۾ هاڻي ايتري به صلاحيت ناهي رهي جو اها ڏوهارين جو مقابلو ڪري سگهي.
عمران خان چيو ته پنجاب ۾ پوليس ۾ ميرٽ بدران سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن، تنهن ڪري پوليس جو اهڙو حال ٿي ويو آهي.
تحريڪ انصاف جي سربراهه وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن، ڪي پي جي پوليس پنجاب پوليس کان وڌيڪ اهل آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*