ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت “را” جي 5 ايجنٽس واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيڻ تي سي ٽي ڊي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري

ATC-16-4-16

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت “را” جي 5 ايجنٽس واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيڻ تي سي ٽي ڊي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سياسي جماعت جي عبدالجبار عرف ٽينشن، محسن خالد، عدل انصاري ۽ نديم سميت 5 ڪارڪنن تي “را” جي ايجنٽس هئڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر سهيل خان پيش نه ٿيڻ تي جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.
عدالت جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*