پاناما ليڪس ۾ لڪائڻ جهڙي ڪا به شئي ناهي، 1993 کان نواز ليگ جو احتساب جاري آهي،بچاءَ واري وزير خواجا آصف

Khuwaja-Asif-16-4-16

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاناما ليڪس ۾ لڪائڻ جهڙي ڪا به شئي ناهي، 1993 کان نواز ليگ جو احتساب جاري آهي، جماعت ڪا ڪرپشن ڪئي هجي ها ته پرويز مشرف نه ڇڏي ها.
سيالڪوٽ ۾ ڪاليج جي تقريب کي خطاب خواجه آصف چيو ته پاناليڪس معاملي تي حڪومت مونجهارن جو شڪار نه آهي.
هن چيو ته پاناماليڪس معاملي تي سياسي بازار لڳايو ويو آهي، موقعي تي تلاش ۾ رهندڙ سياسي مخالفن کي ماضي وانگر ڪجهه به هٿ نه ايندو.
خواجه آصف چيو ته 1993 کان نواز ليگ جو احتساب جاري آهي، ن ليگ ڪا ڪرپشن ڪئي هجي ها ته پرويز مشرف ڪڏهن به نه ڇڏي ها.
دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته وزير اعظم نواز شريف جو پاناماليڪس ۾ نالو نه آهي، پر ان باوجود به هو احتساب لاءِ تيار آهن، کين عدالتي نظام تي مڪمل اعتماد آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*