حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن وارو پهريون لٽريچر فيسٽيول اڄ ٻئي ڏينهن به جاري

Hyd-16-4-16

حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن وارو پهريون لٽريچر فيسٽيول اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي، جنهن ۾ ادب جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون شريڪ آهن.
پهريون لٽريچر فيسٽيول اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي، جنهن جو افتتاح فيسٽيول جو افتتاح ناليواري ليکڪ امر جليل ڪيو.
سنڌي سينيما، سنڌي ادب جي تاريخ، فلمسازي ۽ اسان جا نوجوان، حيدرآباد ۾ اردو ادب جو منظرنامو، قديم آثار، شاعر ۽ شاعري جي موضوعن تي ليڪچرر پروگرام ٿيندا.
لٽريچر فيسٽيول ۾ سياسي ادب جو سماج ۾ ڪارج، سنڌ برطانوي راڄ، مشاعرو، ادب ۾ جديد لاڙا، سنڌي ٻولي ۽ ٽيڪنالوجي جي موضوعن تي پڻ لاڳاپن شعبن سان شخصيتن پاران ليڪچر ڏنا ويندا.
فيسٽيول جي پهرين ڏينهن حيدرآباد ڪالهه ۽ اڄ، فلمسازي، اسان جا نوجوان، ٻاراڻي ادب جي اهميت ۽ تعليم جي موضوع تي ليڪچر ٿيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*