پاناماليڪس ذريعي ٿيل انڪشافن کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف جي استعيفيٰ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

isb-court-nawaz

پاناماليڪس ذريعي ٿيل انڪشافن کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف جي استعيفيٰ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته پاناماليڪس اسڪينڊل بابت نواز شريف قوم کي خطاب دوران غلط بياني ڪئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري پاران درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ وفاق ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته پاناماليڪس اسڪينڊل جي دنيا ۾ جاچ شروع ٿي چڪي آهي۽  پاناماليڪس معاملو عالمي اشو بڻجي چڪو آهي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزير اعظم نواز شريف پاناماليڪس معاملي بابت قوم سان غلط بياني ڪئي، معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت وزير اعظم نواز شريف کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*