لنڊي ڪوٽل مان 11 دهشتگرد پشاور آيا پشاور سانحي جي شروعاتي جاچ رپورٽ پڌري

پشاور سانحي جي شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 11 دهشتگرد لنڊي ڪوتل مان پشاور آيا، جن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ قهري ڪارروائي ڪئي.

پشاور سانحي جي شروعاتي جاچ رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 11 دهشتگرد لنڊي ڪوتل مان پشاور آيا.

رپورٽ موجب لنڊي ڪوتل مان 11 دهشتگرد پشاور پهتا، جن مان 3 دهشتگردن کي بهاري ڪالوني ۾ ڇڏيو ويو.

رپورٽ موجب پهريون آپگهاتي حملو صبح جو ساڍي 10 هين وڳي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ شام دير تائين دهشتگردن پنهنجون ڪارروائيون جاري رکيون.

ياد رهي ته پشاور ۾ هڪ هفتو اڳ دهشتگردن قهري ڪارروائي ڪري سوين معصوم شاگردن کي قتل ڪيو ۽ اسڪول جي اسٽاف کي قتل ڪرڻ بعد سندن لاشن کي ساڙيو ويو.

ملڪي تاريخ جي بدترين دهشتگردي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سزائن تي عملدرآمد جي سلسلي کي به تيز ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*