عرب- اسرائيل تڪرار جي پائيدار حل تائين خطي مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ممڪن ناهي:مليحه لوڌي

malia-lodhi

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جـِي مستقل ايلچي مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو، عرب- اسرائيل تڪرار جي پائيدار حل تائين خطي مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ممڪن ناهي.

نيويارڪ ۾ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي مليحه لوڌي چيو ته وچ اوڀر جي مسئلي جو پر امن حل ڳالهين ذريعي ئي ڪڍي سگهجي ٿو.

هن چيو ته وچ اوڀر جي مسئلي جي حل لاءِ سياسي، سماجي ۽ معاشي ڪارڻ ڄاڻن سان گڏ جامع پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي، امن عمل شروع نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ٻيو تڪرار شروع ٿيڻ جو خدشو آهي.

مليحه لوڌي چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي آزادي واري جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو، اسرائيل يروشلم ۽ مغربي ڪناري ۾ غير قانوني آبادڪاري اڍائي سيڪڙو تيز ڪري ڇڏي آهي، اسرائيل قيادت اهڙي عمل جي ڪري ئي مسئلي کي پر امن طريقي سان حل ڪرڻ وارو موقعو وڃائي رهي آهي.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جـِي مستقل ايلچي مليحه لوڌي وڌيڪ چيو ته عرب اسرائيل تڪرار جي پائيدار حل تائين خطي مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ممڪن ناهي، مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*