ڪراچي جي 6 ئي ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم اڄ ٻئي ڏينهن به جاري

polio01-9

ڪراچي جي 6 ئي ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي، ٽن ڏينهن دوران 24 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، پوليو ٽيمن جي حفاظت لاءِ 6 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ٿيل آهن.

ڪورنگي، ملير، سينٽرل ضلعي، ڪراچي اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ ۾ پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيارڻ واري مهم اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي.

پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ 6 هزار 200 رضاڪار حصو وٺي رهيا آهن، جنهن ۾ 5 سال کان گهٽ عمر وارن 24 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي ڦڙا پياريا ويندا.

پوليو ٽيمن جي حفاظت لاءِ 6 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪري سخت سڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*