ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا

karachi rengars

ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران  2 ڏوهاري مارجي ويا، پاڪ ڪالوني ۾ ڳجهي اداري ڪارروائي دوران گينگ وار جي مک ڪردار رياست بلوچ کي ٻن ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو، ڪلفٽن، محمود آباد، درخشان ۽ ناظم آباد وارن علائقن ۾ پوليس ڪاررواين دوران 17 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

پوليس موجب ڪلفٽن جي شاهه رسول ڪالوني ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 13 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

 پوليس موجب درخشان ٿاڻي جي حد مان ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جن جي قبضي مان ڪلاشنڪوف ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو.

محمود آباد مان پڪڙيل جوابدار جي  نشاندهي تي پوليس ڪارروائي ڪري سياسي جماعت سان واسطو رکندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.

 پوليس موجب نيو ڪراچي ۾ سنيپ چيڪنگ دوران ٻن مبينا ڏوهارين کي  گرفتار ڪري سندن قبضي مان  هٿيار هٿ ڪيا ويا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*