خاص عدالت، سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف جي پرڏيهه روانگي بابت وفاقي گهرو کاتي جو جواب رد

Pervaiz-Musharaf-24-2-16

خاص عدالت، سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف جي پرڏيهه روانگي بابت وفاقي گهرو کاتي جو جواب رد ڪندي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي ستن ڏينهن اندر جواب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس ميان مظهر عالم خيل ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ تي ڳڻتي آهي، جڏهن ته وفاقي سرڪار پرويز مشرف جو بيان وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

جسٽس ميان مظهر عالم جي سربراهي ۾ خاص عدالت جي ٽي بينچ پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران طلبي باوجود وفاقي گهرو سيڪريٽري پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جسٽس مظهر عالم جوائنٽ گهرو سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته گهرو سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، ٻڌايو وڃي ته سيڪريٽري ڪٿي آهي؟.

جوائنٽ گهرو سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته وفاقي گهرو سيڪريٽري موڪل تي آهي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سيڪريٽري جو اهو طريقو غلط آهي.

جسٽس مظهر عالم ميان خيل حڪومتي جي ڌر جي وڪيل اڪرم شيخ کان پڇاڻو ڪيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪيو ويو هو، ڇا کيس ڳالهه وسري ويئي  آهي.

پراسيڪيوٽر اڪرم شيخ عدالت کي آگاهه ڪيو ته کيس لڳي رهيو آهي ته گهرو سيڪريٽري معاملي جو ذميوار نه آهي.

عدالت چيو ته اهو ڪو جواز نه آهي، ڇا سيڪريٽري کي عدالتي حڪم بابت ڄاڻ نه هئي، آخر ڪهڙي مجبوري هئي جو سيڪريٽري کي اوچتو موڪل ڪرڻي پئجي وئي.

اڪرم شيخ دليل ڏنا ته خاص عدالت پرويز مشرف جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو، هاڻي مشرف پرڏيهه وڃڻ کانپوءِ ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

پراسيڪيوٽر دليل ڏنا ته عدالت 31مارچ تي پرويز مشرف کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو، جوابدار جي طلبي جو نه رڳو مشرف پر وفاقي حڪومت کي به ڄاڻ هئي، جڏهن ته جوابدار پاڻ ذميوار آهي، هن عدالت کي آگاهه نه ڪيو.

وفاقي سرڪار جي وڪيل پرويز مشرف جو بيان وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪرائڻ جي تجويز ڏني.

خاص عدالت، پرويز مشرف جي پرڏيهه روانگي بابت وفاقي گهرو کاتي جو جواب رد ڪندي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي ستن ڏينهن اندر جواب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*