پيپلزپارٽي جو وفد پاناما ليڪس واري معاملي تي اڄ عوامي نيشنل پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي قيادت سان ملاقاتون

INFQSHAF

پيپلزپارٽي جو وفد پاناما ليڪس واري معاملي تي اڄ عوامي نيشنل پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي قيادت سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، سينيٽر اعتزاز احسن ۽ نويد قمر تي ٻـَڌل پيپلزپارٽي جو وفد اڄ شام عوامي نيشنل پارٽي جي وفد سان ملاقات ڪندو.

عوامي نيشنل پارٽي جي غلام احمد بلور، افراسياب خٽڪ، زاهد خان ۽ بـُشريٰ گوهر تي  ٻڌل ڪميٽي پ پ وفد سان ڳالهيون ڪندي.

ذريعن موجب، ملاقات دوران پاناما ليڪس واري معاملي تي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ ٻين معاملن تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ڪيو ويندو.

اي اين پي وفد سان ملاقات بعد پيپلزپارٽي جو وفد جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان به ملاقات ڪندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*