سنڌ هاءِ ڪورٽ استادن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف درخواست تي اين سي ايڇ ڊي چيئرمين ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ استادن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف درخواست تي اين سي ايڇ ڊي چيئرمين ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 17 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ڊويزن بئنچ اين سي ايڇ ڊي جي گلزار، غلام مصطفيٰ ۽ شاهد علي سميت 19 استادن طرفان پڪو نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 2013ع ۾ سمورن آفيسرن کي پڪو ڪيو ويو پر 19 استادن کي اڃا تائين پڪو نه ڪيو پيو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 17 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*