پاناما ليڪس ۾ نالو شامل ناهي، پر ڪجهه نابالغ سياستدانن 90 واري سياست شروع ڪئي آهي:وزيراعظم نواز شريف

nawaz sharifوزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاناما ليڪس ۾ سندس نالو شامل ناهي، پر ڪجهه نابالغ سياستدانن 90 واري سياست شروع ڪئي آهي، ملڪ ۾ 90 جي ڏهاڪي واري سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان ۾ رهندڙن کي پاڪستان جون ڄنگهون نه ڇڪڻ گهرجن.

لنڊن کان پاڪستان روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان جي اڪثريت ملڪ ۾ ڌرڻن جي سياست نٿي چاهي، قوم چاهي ٿي ته ملڪ ترقي ڪري ۽ اڳتي وڌي پر بدقسمتي سان 90 واري سياست شروع ٿي وئي آهي.

هن چيو ته مان نه مڃان ۽ 90 جي ڏهاڪي واري سياست دفن ٿي چڪي آهي پر ڪجهه سياستدان اهڙا آهن، جيڪي اڃا تائين بابالغ آهن ۽ 90 جي ڏهاڪي واري سياست ڪري رهيا آهن، الله ڪري انهن کي به پاڪستان جي ترقي ايتري ئي  پياري هجي، جيتري نواز شريف سميت ٻين پاڪستانين کي آهي.

وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي سندس لنڊن اچڻ ۾ سازش نظر اچي رهي هئي پر هو چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ آيو هو، جيڪو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ سڀ ٽيسٽون نارمل اچڻ بعد هـُو ڏيهه واپس پهچندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندس لنڊن اچڻ کان اڳ اڳڪٿيون ڪندڙن کان ئي پڇيو وڃي ته انهن کي سندس لنڊن اچڻ ۾ سازش نظر ڇو آئي.؟

وزيراعظم اهو به چيو ته پاناما ليڪس ۾ مٿس ڪو به الزم ناهي لڳ پر پوءِ به ڪميشن جوڙي رهيا آهيون، 1972 کان شريف خاندان ڏکيائن جو شڪار رهيو آهي، سندن ڪيترائي ڪارخانا ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ بعد نيشنلائيز ڪري ڇڏيا هئا…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*