پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اڄ ٻيهر اهم پريس ڪانفرنس طلب ڪري ورتي

Mustafa-Kamal-4th-March

پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اڄ ٻيهر اهم پريس ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي، انيس قائمخاني جو چوڻ آهي ته اڄ ايم ڪيو ايم جي اهم وڪيٽ ڪِرندي ۽ 24 اپريل تي تاريخي جلسو ٿيندو.

پاڪ سر زمين پارٽي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني اڄ اهم پريس ڪانفرنس ڪندا.

انيس قائمخاني چيو آهي ته اڄ وري ايم ڪيو ايم جي هڪ وڏي وڪيٽ ڪيرائي ويندي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر ڪيتريون وڌيڪ اهم وڪيٽون پڻ ڪيرايون وينديون.

پي ايس پي اڳواڻ انيس قائمخاني چيو ته 24 اپريل تي پارٽي جو تاريخي جلسو ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*