شھدادپور ويجھو قديمي ڳوٺ جي سرڪاري ھاءِ اسڪول جي عمارت کي 25 سال گذرڻ کان پوءِ مرمت نه ٿيڻ سبب عمارت زبون ٿي وئي

Shahdadpur map

شھدادپور ويجھو  قديمي ڳوٺ  جي سرڪاري ھاءِ اسڪول جي عمارت کي 25 سال گذرڻ  کان پوءِ مرمت نه ٿيڻ سبب عمارت زبون ٿي وئي، عمارت مان چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي.

 تعليم کاتي انتظاميه جي بي ڌياني سبب ڳوٺ ملدسي جي ھاءِ اسڪول ۾ پڙھندڙ  ٻھراڙي جا  3 سو کان مٿي  شاگرد، شاگردياڻين ۽ استادن جون زندگيون داءُ تي لڳل آھن.

بلڊنگ جي زبون حالي ۽  روزانوشاگردن ۽ استادن مٿان چاپڙ ڪرڻ  سبب زخمي ٿيڻ جي واقعن کان تنگ اچي شاگرن ۽ شاگردياڻين اسڪول ۾ اچڻ گھٽ ڪري ڇڏيو آھي ۽ والدين به پنھنجن ٻارڙن کي اسڪول ۾ موڪلڻ کان لنوائي رھيا آھن.

اسڪول ۾  ڪمپيوٽر روم، ليبارٽري روم ۽ لائبريري روم جي چئن سالن کان ڇت نه پوڻ سبب شاگرد ڪمپيوٽر ۽ سائنس جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان محروم آھن.

 ھاءِ اسڪول ملدسي جي استادن، شاگردن ۽ شاگرداڻين سنڌ جي واڳ ڌڻين ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آھي ته يونين ڪائونسل ملدسي جي واحد ۽ زبون بڻيل  گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جي سموري بلڊنگ جي جلد مرمت ڪرائي وڃي ۽ تعليم جي معيار کي بھتر بنائڻ لاءِ جديد سھولتون فراھم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*