سنڌ ۾ بادراڻو نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل

nasirabad-protest

سنڌ ۾ بادراڻو نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، نصير آباد ۾ پ پ ڪارڪنن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، جڏهن ته خانپور ۽ پني عاقل ۾  ڇاپن دوران واپارين کي وڪرو ڪيل بارداڻي جون سوين ٻوريون هٿ ڪيون ويون.

باداڻو نه ملڻ خلاف نصير آباد پ پ ڪارڪنن ممتاز لنجواڻي، منظور ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ننڍا آبادگار باراڻي لاءِ در بدر آهن، پر خوراڪ کاتي جا عملدار باراڻو واپارين کي وڪرو ڪري رهيا آهن.

هنن چيو آهي ته بارداڻو نه ملڻ ڪري آبادگار واپارين کي سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪري ڪري رهيا آهن، جنهن سان کين تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته خوراڪ کاتي جي ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري باراڻي  جي منصفاڻي نموني ورهاست ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ان موقعي تي ايس ايڇ او نصير آباد مظاهرين وٽ پهچي معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرائڻ ي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪري ٽريفڪ بحال ڪئي وئي.

هوڏانهن پني عاقل ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هڪ گدام تي ڇاپو هڻي واپارين کي وڪرو ڪري بارداڻي جون 200 کان ويڪ ٻوريون هٿ ڪري ورتيون.

 خانپور ۾ به اي سي جي اڳواڻي ۾ پنجاب کان ايندڙ ٻن ٽرالرن تي ڇاپو هڻي بارداڻي جون 12 سئو کان وڌيڪ ٻوريون هٿ ڪري چئن ڄڻن  کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اي سي سعيد احمد ميمڻ چيو ته سنڌ جو بارداڻو پنجاب جي واپارين کي وڪرو ڪرڻ بعد ان بارداڻي ۾ ڪڻڪ ڀري سنڌ ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ آڻيندڙ واپارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اي سي جو وڌيڪ چوڻ هو ته واپارين کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد باداڻو وڪرو ڪندڙ خوراڪ کاتي جي عملدارن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*