سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ حڪومت پاران سڌي ريت مقررين ۽ بدلين خلاف فاپواسا جي احتجاج جو سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس وٺندي گڏجاڻي لاءِ اڳواڻن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

qaim

سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ حڪومت پاران سڌي ريت مقررين ۽ بدلين خلاف فاپواسا جي احتجاج جو سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس وٺندي گڏجاڻي  لاءِ اڳواڻن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتي آهي.

يونيوسٽيز ۾ 2013 واري ايڪٽ تحت سڌي ريت مقرريون، بدليون ۽ ڀرتيون ڪرڻ خلاف فاپواسا جي احتجاج جو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه نوٽيس ورتو آهي.

وڏي وزير جي هدايت تي سيڪريٽري بورڊ آف يونيورسٽيز اقبال ساجد فاپواسا سنڌ جي صدر عرفانه ملاح ۽ ٻين سان رابطو ڪري کين ڳالهين لاءِ سڀاڻي سي ايم هائوس گهرائي روتو آهي.

فاپواسا اڳواڻ عرفانه ملاح جو چوڻ آهي ته يونيورسٽيز ۾ وائيس چانسلر جي اجازت کان سواءِ سڌي ريت مقرريون ڪرڻ يونيورسٽيز جي خودمختياري جي خلاف آهي.

هن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير سان گڏجاڻي دوران سمورا خدشا سامهون رکيا ويندا ۽ يونيورسٽيز ۾ سڌي ريت مداخلت بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*