ڪراچي ۾ ڊي ايم سي پاران چئن مهينن کان پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف عورت ٽيچرز احتجاجن شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي

malir

ڪراچي ۾ ڊي ايم سي پاران چئن مهينن کان پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف عورت ٽيچرز احتجاجن شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

ملير ڪالابورڊ واري علائقي ۾ وڏي انگ ۾ عورت ٽيچر احتجاجي مظاهرو ڪري شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

عورت ٽيچرز جي احتجاج سبب ٽريفڪ کي ملير هالٽ کان ماڊل ڪالوني ۽ قائدآباد کان دائود چورنگي طرف موڙيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل چئن مهينن کان استادن کي پگهارون جاري نه پيون ڪيون وڃن، جنهن سبب سندن گهرن ۾ فاقه ڪشيءَ واري صورتحال آهي.

هنن ڊي ايم سي انتظاميا کان مطالبو ڪيوته ٽيچرز کي پگهارون جاري ڪري پريشانين مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*