سپريم ڪورٽ، پي ايس 22 نوشهرو فيروز تي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، پي ايس 22 نوشهرو فيروز تي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو آهي ته اهڙو فيصلو ڌرين جي رضامندي سان جاري ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پ پ جي عبدالستار راڄپر جي ڪاميابي خلاف عارف جتوئي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت، ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي پي ايس 22 تي ٻيهر تي چونڊ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته مخالف اميدوار عارف مصطفيٰ جتوئي پيپلز پارٽي جي عبدالستار جي ڪاميابي کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چلينيج ڪيو هو، جڏهن ته ٽربيونل ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*