خاص عدالت، سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف کي 14 هفتا حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو اڄ شام تائين محفوظ ڪري ورتو

parvez-musharraf

خاص عدالت، سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف کي 14 هفتا حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو اڄ شام تائين محفوظ ڪري ورتو آهي، عدالت پرويز مشرف جي ڏيهه روانگي بابت وفاقي حڪومت کان ستن ڏينهن اندر جواب طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت اڳوڻي صدر کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي پاڻ سهولتڪار بڻي آهي.

جسٽس ميان مظهر عالم جي سربراهي ۾ خاص عدالت جي ٽي بينچ پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران گهرو کاتي جي جوائنٽ سيڪريٽري مبارڪ علي وفاقي گهرو سيڪريٽري پاران لکت ۾ جواب جمع ڪرايو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته وفاقي گهروسيڪريٽري پاڻ ڇو ناهي آيو؟، جنهن تي جوائنٽ سيڪريٽري جواب ڏنو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري ٻه ڏينهن موڪل تي ويل آهي.

عدالت، گهرو کاتي جي جوائنٽ سيڪريٽري جو جواب رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته وفاقي گهرو سيڪريٽري شڪايت ڪندڙ آهي، اِهـو ڪهڙو طريقيڪار آهي جو اهو پاڻ نٿو اچي ۽ سيڪشن آفيسر جي ذريعي جواب داخل ڪرايو پيو وڃي.

جسٽس مظهر ميان عالم خيل، پراسڪيوٽر اڪرم شيخ کان سوال ڪيو ته ڇا وفاقي گهرو سيڪريٽري کي پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ جو ذميوار قرار ڏئي سگهجي ٿو؟، جنهن جي جواب ۾ اڪرم شيخ چيو ته خاص عدالت 31 مارچ تي پرويز مشرف کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو، جنهن جي ڄاڻ نه صرف پرويز مشرف پر وفاق کي به هئي.

اڪرم شيخ چيو ته گهرو سيڪريٽري سمجهيو هوندو ته خاص عدالت پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو، عدالت پرويز مشرف جو اسڪائيپ يا وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪري سگهي ٿي.

جسٽس مظهر ميان عالم خيل، ريمارڪس ڏنا ته دهشتگردي جي خاتمي واري ڪيسز ۾ شاهدن جا بيان وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪري سگهجن ٿا پر هـِن ڪيس ۾ پرويز مشرف جوابدار آهي.

پرويز مشرف جي وڪيل احمد رضا قصوري دليل ڏيندي چيو ته اڳوڻي صدر جي پرڏيهه وڃڻ جو ذميوار ضامن نه پر گهرو وزارت آهي، 31 مارچ 2014 تي عدالت پرويز مشرف کي حاضري کان ڇوٽ ڏئي چڪي آهي ۽ راشد قريشي ضامن جي حيثيت سان ضمانتي مچلڪا به جمع ڪرايا هئا، وارنٽ تي عمل ٿيڻ ۽ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ بعد ضامن جي ضرورت ناهي.

جسٽس مظهر ميان عالم خيل ريمارڪس ڏنا ته پرويز مشرف جي حاضري يقيني بڻائڻ ضامن جي ذميواري آهي، جنهن تي احمد رضا قصوري چيو ته حڪومت پاڻ سهولتڪار ۽ شڪايت ڪندڙ آهي، جيڪڏهن حڪومت ئي پرويز مشرف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڏنو ته پوءِ ضامن ڇا ڪري.

جسٽس مظهر ميان عالم خيل،  ريمارڪس ۾ چيو ته عدالت جو ان سان واسطو ناهي ته پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ ڏنو ويو، عدالت جو واسطو ان سان آهي ته طلب ڪرڻ باوجود پرويز مشرف پيش نٿو ٿئي، ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڪو مسئلوناهي پر پرويز مشرف بيان رڪارڊ ڪرائي ٻيهر به وڃي سگهي پيو.

ٻڌڻيءَ دوران ڪيس جي شاهد توفيق آصف ڌر ٿيڻ واري درخواست تي دليل ڏنا ته پراسڪيوٽر اڪرم شيخ ان تي اعتراض واريو ۽ چيو ته توفيق آصف هن ڪيس ۾ ڌر نٿو بڻجي سگهي.

 توفيق آصف دليل ڏنا ته جيڪڏهن حڪومت پاڻ ئي جوابدار کي رعايت ڏئي ته کين ڌر بڻجڻو ئي پو ٿيو، جوابدار کي ائين ڪيئن ٻاهر ڇڏيو ويو.

 عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پرويز مشرف کي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو اڄ شام 4 وڳي ٻڌايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*