جمهوري نظام ختم نه ٿيڻ گهرجي، آئين ۽ عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي:قائم علي شاهه

qaim-ali-shah-

وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته سـُپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سنڌ اندر مڪاني ادارن کي ٻن مهينن اندر اختيار ملي ويندا، قانون موجب ميئر کي سمورا اختيار ڏنا ويندا، جمهوري نظام ختم نه ٿيڻ گهرجي، آئين ۽ عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي.

ڪراچي ايئرپورٽ سامهون پل جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته قائدآباد کان اڳتي به 6 لين جو روڊ بڻجي رهيو آهي، جيڪو ٺٽَي تائين ويندو.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جون شڪايتون ٿي رهيون آهن، شهر ۾ پراڻن روڊن جي جاءِ تي نوان روڊ تعمير ڪيا ويندا.

وڏي وزير چيو ته ٻن مهينن اندر مڪاني نظام جو پروسيس مڪمل ڪيو ويندو، جنهن بعد قانون تحت ميئر کي اختيار ملي ويندا.

سيد قائم علي شاهه چيو ته سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ پارلياماني نظام کي رهڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*