رضا رباني کي پاناما معاملي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو چيئرمين تجويز ڪرڻ سندس ذاتي خواهش ڪئي:خورشيدشاهه

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيدشاهه چيو آهي ته رضا رباني کي پاناما معاملي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو چيئرمين تجويز ڪرڻ سندس ذاتي خواهش ڪئي، جمهوري نظام کي نقصان نٿا پهچائڻ چاهيون، پاناما معاملي تي سمورين سياسي ڌرين سان گڏجي ڪو حل ڪڍڻ جا خواهشمند آهيون.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته رضا رباني جي موقف جي حمايت ڪريان ٿو، ان پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين جي سربراهي کان انڪار ڪرڻ واري معاملي تي کيس فون ڪيو هو.

هن چيو ته رضا رباني کي پارلياماني ڪميٽي جو چيئرمين تجويز ڪرڻ پيپلزپارٽي جي نه پر سندس ذاتي خواهش هئي.

خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم نوازشريف جي پٽن ۽ چوڌري نثار جي اعتراف پاناما معاملي کي وڌيڪ اينگهائي ڇڏيو آهي، چاهيون ٿا ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ معاملي جي فورينزڪ جاچ ڪرائي وڃي.

اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته  جيڪڏهن حڪومت چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن نٿي قائم ڪري ته پارلياماني قائم ڪئي وڃي ۽ سياسي پارٽين سان گڏجي معاملي جو حل ڪڍيو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته ڪنهن جي بيماري تي خوش ناهيون ٿيندا، وزيراعظم نواز شريف جي صحت لاءِ دعاگو آهيون……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*