باقاعده ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي،انگلينڊ جو دورومشڪل آهي: مصباح الحق

misbah-ul-haq

پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته هن باقاعده ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ جو انگلينڊ جو دورومشڪل آهي،جنهن کي ذهن ۾ رکندي مڪمل تياري سان انگلينڊ خلاف سيريز ۾ حصو وٺندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصباح الحق جو چوڻ آهي ته هو انگلينڊ جي دوري کان پهرين پاڪستان ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ پنهنجي فارم کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو،جنهن بعد هو پاڪستان اي جي ٽيم پاران نمائندي ڪري پنهنجي فٽنس کي بهتر ڪندو.

هن چيو ته سندس ڪوشش آهي ته ڪنهن ڪائونٽي پاران کيڏي، جنهن لاءِ منيجر ڪوششون ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته هو انگلينڊ جي دوري کان پهرين اتان جي ڪنڊيشنز ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ لاءِ ڪجهه وقت اڳ اتي ميچز کيڏڻ لاءِ ويندو.

مصباح الحق گذريل سال آخر ۾ قومي ٽيم جي ٽيسٽ ميچز ۾ نمائندگي ڪئي.

هن چيو ته هو گهڻُو پراميد آهي ته سندس رٽائرمنِٽ بعد ٽيم ڪنهن سٺي ڪپتان جي هٿ ۾ هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*