پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نيئن چيف سليڪٽر انضمام الحق ساٿي سليڪٽرز جي جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو

alzmam-ul-haq

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نيئن چيف سليڪٽر انضمام الحق ساٿي سليڪٽرز جي جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان سان گڏ پريڪس ڪانفرنس دوران پنهنجي ٽيم جو اعلان ڪندي چيو ته توصيف احمد، وجاهت الله واسطي ۽ وسيم حيدر ساڻس گڏ سليڪشن ڪميٽي جا ميمبر هوندا.

هن چيوته سندن پهرين ترجيح انگلينڊ خلاف بهترين ۽ مضبوط ٽيم سليڪٽ ڪرڻ آهي.

انضام الحق افغان ڪرڪيٽ بورڊ جا ٿورا مڃيندي چيوته هن 6مهينا افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ ڪم ڪيو۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي خدمت ڪرڻ لاءِ انهن کيس ريليز ڪيو آهي،جنهن تي هو افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ٿورائتو آهي.

ان موقعي ته پي سي بي چيئرمين شهريار جو چوڻ هوته کيس خوشِي آهي ته انضمام الحق ساڻس گڏ ڪم ڪري رهيو آهي۽ هو ذاتي طور تي انضمام الحق جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهي کيس پنهنجي ٽيم سليڪٽ ڪرڻ جو اختيار به ڏئي ڇڏيو آهي،جيئن هو پاڪستان جي بهترين ٽيم سليڪٽ ڪري سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*