خيبرپختونخواهه جي شهر مردان جي ايڪسائيز آفيس اندر آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

Mardan-Map-6-8

خيبرپختونخواهه جي شهر مردان جي ايڪسائيز آفيس اندر آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽  ٻن ايڪسائيز انسپيڪٽرز سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار آفيس اندر داخل ٿيڻ چاهي پيو، روڪڻ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

مردان جي مال روڊ تي قائم ايڪسائيز آفيس ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارنهن ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ ڄڻي اسپتال ۾ دم ڏنو.

پوليس جو چوڻ آهي ته 11 زخمين ۾ هڪ صحافي ۽ ٻه ايڪسائيز سب انسپيڪٽر به شامل آهن، جن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر مردان ۽ پشاور جي ليڊي ريدنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڊي پي او فيصل شهزاد جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار ايڪسائيز جي آفيس اندر وڃڻ چاهي پيو، ٻاهر روڪيو ويو ته ان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 8 کان 10 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو.

ڌماڪي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مال روڊ کي به ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*