پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي:خواجه آصف

khuwaja-asif

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي، اسلام آباد جي قربانين کي سموري دنيا ساراهيو آهي.

اسلام آباد ۾ بچاءِ واري وزير خواجا آصف سان برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل نڪولس جي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران آپريشن ضرب عضب ۽ خطي جي موجوده صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

برطانوي فوج جي سربراهه جنرل نڪولسن چيو ته آپريشن ضرب عضب سان نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، برطانيا پاڪستان جي قربانين کي دل سان تسليم ڪري ٿو.

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي، اسلام آباد جي قربانين کي سموري دنيا ساراهيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*