سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي ٺيڙهي باءِ پاس حادثي جي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ 5 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر خيرپور ۽ موٽر وي پوليس کي ٺيڙهي باءِ پاس حادثي جي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ 5 هفتن جي مهلت ڏيندي نيشنل هاءِ وي تي هلندڙ مرمتي ڪم جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ  سکر ڪجهه مهينا اڳ ٽيڙهي باس تي ٿيل حادثي بابت ايڊووڪيت شمس الدين جي داخل پٽيشن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ايس ايڇ او جاچ ۽ ايس ايڇ او موٽروي عدالت آڏو پيش ٿيا.

پوليس جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته حادثي جي جاچ رپورٽ مڪمل ناهي ٿي  سگهي، جنهن لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي.

عدالت حادثي جي جاچ رپورٽ سان گڏ  نيِشنل هاءِ وي تي هلندڙ مرمتي ڪم بابت به تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم  ڏيندي ٻڌڻي 5 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*