پاڪ فوج راجنپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڇوٽو گينگ خلاف فيصلائتي آپريشن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

opration

پاڪ فوج راجنپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڇوٽو گينگ خلاف فيصلائتي آپريشن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ يرغمال بڻيل پوليس اهلڪارن کي ڏوهارين وٽان آزاد ڪرائڻ سندن اولين ترجيح آهي.

راجنپور جي ڪچي واري علائقي ۾ 22 ڏينهن اڳ ڇوٽو گينگ جي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ پنجاب پوليس کي مڪمل طور ناڪامي ملي.

ڏوهارين خلاف آپريشن دوران 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 18 پوليس اهلڪار ڏوهارين وٽ يرغمال بڻيل آهن، جن جي آزادي لاءِ ڇوٽو گينگ کي 2 ڀيرا مهلت به ملي چڪي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب،  پاڪ فوج ڇوٽو گينگ جي ڏوهارين خلاف فيصلائتي آپريشن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ڏوهاري يرغمال بڻايل پوليس اهلڪارن کي ڍال طور استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مغوي اهلڪارن کي بازياب ڪرائڻ پاڪ فوج جي اولين ترجيح آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*