پير پاڳارو وفاقي سرڪار جو سڀ کان وڌيڪ مخالف آهي، هــُو ڪنهن به وقت ڌار ٿي سگهن ٿا:پير راشد شاهه

pir-rashid-shah

فنڪشنل ليگ وفاقي سرڪار کان ڌار ٿيڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، پير راشد شاهه چيو آهي ته پير پاڳارو وفاقي سرڪار جو سڀ کان وڌيڪ مخالف آهي، هــُو ڪنهن به وقت ڌار ٿي سگهن ٿا، سنڌ سرڪار ڏوهارين ۽ گينگسٽرز جي سرپرستي ڪري رهي آهي، هــُو وڏي وزير ۽ گهرو وزير سان مناظري ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پير راشد شاهه چيو ته هــُو وفاقي سرڪار مان تمام گهڻو تنگ آهن، ڪنهن به وقت ڌار ٿي سگهن ٿا.

هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار جو سڀ کان وڌيڪ مخالفت ڪندڙ ڪير آهي ته اهو پير پاڳارو آهي، ڇوته جنهن سرڪار ۾ پير پاڳاري جو ڀاءُ وفاقي وزير آهي، ان فنڪشنل ليگ جي 11 ماڻهن جي شهيد ٿيڻ تي سنگل مذمتي بيان به جاري نه ڪيو.

پير راشد شاهه چيو ته سنڌ سرڪار جي ڏوهارين، ڌاڙيلن ۽ گينگسٽر کي مڪمل سرپرستي حاصل آهي، هــُو وڏي وزير ۽ صوبائي گهرو وزير کي چئلينج ڪري ٿو ته قرآن شريف سامهون رکي مناظرو ڪن.

فنڪشنل ليگ ايم پي اي پير راشد شاهه چيو ته هــُو هڪ هڪ ڏوهاري، چور ۽ ڌاڙيل جي حوالي سان ٻڌائڻ لاءِ تيار آهي ته ڪير ڪنهن جو ساٿاري ۽ ڪٿي ملوث آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*