لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت موهن جي دڙي ويجهو پر اسرار نموني فوت ٿي ويل ناري جي وارثن جي فرياد تي ناري جي قبرڪشائي ڪرڻ جو حڪم

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت موهن جي دڙي ويجهو پر اسرار نموني فوت ٿي ويل ناري جي وارثن جي فرياد تي ناري جي قبرڪشائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سيشن جج جي عدالت هفتو اڳ ڳوٺ نئين گڏ ۾ پر اسرار نموني فوت ٿي ويل ناري جميلا ٻگهيو جي وارثن پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ناري جميلا کي سندس مڙس غلام شبير ٻگهيو گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، جنهن بعد واقعو آپگهات قرار ڏنو ويو آهي.

عدالت وارثن جي اهڙي درخواست تي لاڳاپيل عدالت جي جج جي نگراني هيٺ ناري جي قبرڪشائي ڪري واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*