ڪراچي جي اورنگي واري علائقي ۾ 3 ٻارڙن کي قتل ڪندڙ جوابدار حسنين کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

Karachi-Police

ڪراچي  جي  اورنگي واري علائقي ۾   3 ٻارڙن کي قتل ڪندڙ جوابدار حسنين کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف  به ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪورنگي جي مومن آباد واري علائقي ۾  جوابدار حسنين  مقتول ٻارڙن جي والد جي دڪان تي ڪم ڪندو هو،جنهن اعتراف ڪندي چيو آهي ته ٻارڙا کيس تنگ ڪري سندس مذاق اڏائيندا هئا، جنهن سبب انهن جي منهن تي وهاڻو ڏئي کين قتل ڪيو آهي.

قتل ڪيل ٽن ڀيڻ ڀائرن مريم، نمرا ۽ علي جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

مقتول ٻارڙن جي پيءَ شرف الدين جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان به دشمني ناهي ۽ جوابدار بنا ڏوهه سندس ٽن ٻارڙن کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*