سپريم ڪورٽ لاڙڪاڻو ليڊيز ڪلب جي زمين جي منتقلي روڪڻ جو حڪم ڏيندي ڊي سي کي روينيو جي ڪنسلٽنٽ جي انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

Supremecourtkarachi

سپريم ڪورٽ لاڙڪاڻو ليڊيز ڪلب جي زمين جي منتقلي روڪڻ جو حڪم ڏيندي ڊي سي کي روينيو جي ڪنسلٽنٽ جي  انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي  آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻي جي زمين تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

روينيو جي ڪنسلٽ نظر محمد لغاري سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪئي هئي ته 1994 ۾ لاڙڪاڻو ليڊيز ڪلب جي زمين رڪارڊ ۾ جعلسازي ڪري زمين تي قبضو ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو هو 1923 کان اها زمين هندو، سک ڪميونٽي ۽ ليڊيز ڪلب جي ملڪيت رهي هئا، جيڪا الاٽ نٿي ڪري سگهي.

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي لاڙڪاڻو ليڊيز ڪلب جي زمين جي منتقلي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت ڊي سي لاڙڪاڻو کي روينيو جي ڪنسلٽنٽ جي  انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي  آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*