هند ۽ سنڌ جو ناليوارو اديب لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڀارت ۾ ديهانت ڪري ويو

هند ۽ سنڌ جو ناليوارو اديب لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڀارت ۾ ديهانت ڪري ويو، جتي سندس آخري رسمون ادا ڪيون وينديون.

لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا 20 ڏينهن کان ڀارت جي هڪ اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي هو جتي هن اڄ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا 1936ع ۾ نوشهروفيروز ضلعي جي ڪنڊيارو شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ 8 مارچ 1948ع تي هو سنڌ کي الوداع چئي هميشه لاءِ ڀارت هليو ويو.

لڇمڻ ڪومل 1962ع ۾ صحافت ۾ ڊپلوما ڪئي ۽ ڀارت جي سڀ کان وڏي اخبار ٽائيمز آف انڊيا ۾ لڳاتار 35 سالن تائين مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو، جتان هو1994ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

لڇمڻ ڪومل نه رڳو سنڌ ۽ هند پر دنيا جي افسانوي توڙي شعري ادب جو مطالعو ڪيو.

لڇمڻ ڪومل جي شاعري، اردو، انگريزي ۽ فارسي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي، هو ريڊيو، ٽي وي، اخبارن ۽ ادبي رسالن لاءِ 45 سالن کان لکندو رهيو.

لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا ڀارت وڃڻ کانپوءِ به ڪيترائي ڀيرا سنڌ آيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*