روس ۽ قازقستان يوڪرائن مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون

روس ۽ قازقستان يوڪرائن مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان حوالي سان يوڪرائن سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

قازقستان جي صدر نور سلطان نظر بايوف، ۽ يوڪرائن جي صدر  پَيـٽرَو پَوروشَينڪو سان ملاقات ڪئي،جنهن ۾ روس-يوڪرائن صورتحال تي ڳالهايو ويو.

قازق صدر يوڪرائن جو دورو ڪرڻ بعد ماسڪو پهتو، جتي هن روس جي صدر ولاد مير پيوٽن سان  به  ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ روس-قازقستان گڏيل لاڳاپن سميت يوڪرائن جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ  ڪئي وئي.

روس يوڪرائن جي مسئلي جي حل لاءِ سفارتي ڪوششون شروع  ڪري ڇڏيون آهن، جنهن لاءِ سويت يونين ۾ شامل رياستن جي اڳواڻن کي شامل ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*